24 آگسٽ تي سرحد يونيورسٽي جي اسلام آباد ڪيمپس ۾ شاگردن ۽ هڪ دفاعي اداري جي سينيئر آفيسر وچ ۾ ٿيل ٽڪراءَ هڪ بنيادي سوال کي جنم ڏنو آهي: ڇا يونيورسٽي جو هي ڪيمپس هائير ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) جي فهرست ۾ باقاعدي طور منظور ٿيل آهي؟
سيد شايان جو ڪالم — زميني حقيقتون
اسلام آباد جي ڀرپاسي ۾ واقع سرحد يونيورسٽي جي روات ڪيمپس ۾ 24 آگسٽ تي پيش آيل واقعو رڳو شاگردن ۽ هڪ فوجي آفيسر وچ ۾ جهيڙي ۽ ٽڪراءَ جو معاملو ناهي. هن واقعي ڪيمپس جي قانوني حيثيت ۽ اتي تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جي مستقبل بابت پڻ سنگين سوال اٿاريا آهن.
فوجي آفيسر خلاف ته ڪارروائي شروع ٿي چڪي آهي، پر ڇا يونيورسٽي انتظاميا ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن کان به پڇيو ويندو ته اهڙي ڪيمپس ۾، جنهن جي مڪمل ۽ پروگرام وار منظوري واضح ناهي، داخلا ڪهڙي بنياد تي ڏني وئي ۽ آخر اهي حالتون پيدا ئي ڇو ٿيون؟
جنهن هنڌ کي يونيورسٽي اڄ پنهنجو باقاعدي اسلام آباد ڪيمپس قرار ڏئي رهي آهي ۽ پنهنجي ويب سائيٽ تي اتي لڳ ڀڳ 19 ڊگري پروگرام پيش ڪري رهي آهي، ڇا هائير ايجوڪيشن ڪميشن واقعي ان کي باقاعدي ڪيمپس قائم ڪرڻ، روبرو تعليم ڏيڻ ۽ انهن سمورن پروگرامن ۾ داخلا ڏيڻ جي اجازت ڏني آهي؟
منهنجي معلومات موجب، HEC اسلام آباد ۾ سرحد يونيورسٽي کي منظور ٿيل فاصلاتي تعليم جي مرڪزن وسيلي آرٽس، هيومينٽيز، سماجي سائنسن، تعليم، بزنس ۽ ڪامرس جي مخصوص پروگرامن ۾ فاصلاتي تعليم جي اجازت ڏني هئي.
روات ۾ باقاعدي تعليمي ڪيمپس قائم ڪرڻ ۽ اتي موجود سمورا پروگرام هلائڻ جي مڪمل ۽ واضح HEC منظوري موجود سرڪاري رڪارڊ مان اسان جي سامهون نه آئي آهي.
سوال اهو آهي ته خيبرپختونخوا حڪومت جي چارٽر تحت قائم ڪيل سرحد يونيورسٽي جو روات مرڪز، جنهن لاءِ موجود رڪارڊ ۾ فاصلاتي تعليم ۽ شاگردن جي سهائتا واري مرڪز جي اجازت ڏيکاريل آهي، باقاعدي يونيورسٽي ڪيمپس ڪيئن بڻجي ويو؟
HEC ان کي باقاعدي يونيورسٽي ڪيمپس بڻائڻ جي اجازت ڪڏهن، ڪهڙي NOC تحت ۽ ڪهڙن پروگرامن لاءِ ڏني؟ ڇا بي ايس نرسنگ، فارم ڊي ۽ اتي پيش ڪيل ٻيا سمورا پروگرام به انهيءَ اجازت ۾ شامل آهن؟
روات ۾ باقاعدي يونيورسٽي وانگر ڪلاس هلائڻ، مختلف پروگرامن ۾ داخلا ڏيڻ ۽ شاگردن کان فيسون وٺڻ جي مڪمل اجازت جو واضح سرڪاري رڪارڊ سامهون نه آيو آهي.
جيڪڏهن سرحد يونيورسٽي وٽ اسلام آباد ڪيمپس جي مڪمل منظوري موجود آهي ته ان جو اصل خط، NOC جي مدي ۽ منظور ٿيل پروگرامن جي مڪمل فهرست عوام آڏو پيش ڪئي وڃي.
رڳو اهو چوڻ ڪافي ناهي ته سرحد يونيورسٽي HEC کان تسليم ٿيل آهي، ڇاڪاڻتہ پشاور ۾ قائم مرڪزي يونيورسٽي جي منظوري پاڻمرادو روات ۾ پيش ٿيندڙ سمورن پروگرامن تي لاڳو نٿي ٿئي.
پڙهندڙن لاءِ اهو سمجهڻ به ضروري آهي ته باقاعدي يونيورسٽي ڪيمپس ۽ فاصلاتي تعليم جي شاگردن جي مدد لاءِ قائم ڪيل شاگرد سهائتا مرڪز وچ ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي.
باقاعدي يونيورسٽي ڪيمپس ۾ شاگرد روزانو اچن ٿا، استاد سندن سامهون ويهي پڙهائين ٿا ۽ باقاعدي ڪلاس ٿين ٿا. ان جي ابتڙ شاگرد سهائتا مرڪز مڪمل يونيورسٽي ڪيمپس ناهي هوندو. اهو فاصلاتي تعليم ۾ داخل ٿيل شاگردن جي مدد لاءِ قائم ڪيو ويندو آهي، جتي کين ڪتاب، رهنمائي ۽ ٻيون تعليمي سهولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون.
ضرورت موجب ڪلاس يا امتحان به ٿي سگهي ٿو، پر رڳو ڪلاس هلڻ، امتحان ٿيڻ يا عمارت تي يونيورسٽي جو بورڊ لڳڻ سان اهو باقاعدي يونيورسٽي ڪيمپس نٿو بڻجي. ان لاءِ HEC جي الڳ ۽ واضح منظوري ضروري هوندي آهي.
ان ڪري عام شاگرد لاءِ داخلا وٺڻ کان اڳ اهو ڄاڻڻ به ضروري آهي ته لاڳاپيل هنڌ کي HEC پاران باقاعدي يونيورسٽي ڪيمپس طور ڪم ڪرڻ جي اجازت حاصل آهي ۽ جنهن پروگرام ۾ شاگرد داخلا وٺي رهيو آهي، ان کي به انهيءَ مخصوص هنڌ تي پڙهائڻ جي باقاعدي منظوري موجود آهي.
HEC جي موجوده سرڪاري فهرست ۾ ”اسلام آباد، روات“ جو نالو ضرور موجود آهي، پر ان کي ڪيمپس ۽ شاگرد سهائتا مرڪزن جي هڪ ئي داخلا ۾ ڏيکاريو ويو آهي.
انهيءَ داخلا هيٺ لکيل آهي ته اسلام آباد ۽ خيبرپختونخوا ۾ منظور ٿيل شاگرد سهائتا مرڪزن کي رڳو فاصلاتي تعليم تحت آرٽس، هيومينٽيز، سماجي سائنسن، تعليم، بزنس ۽ ڪامرس جي مخصوص پروگرامن ۾ داخلا ڏيڻ جي اجازت آهي.
اهو ئي اصل مونجهارو آهي.
جيڪڏهن اسلام آباد، روات باقاعدي يونيورسٽي ڪيمپس آهي ته ان کي صاف لفظن ۾ انهيءَ حيثيت سان ڇو نه لکيو ويو آهي؟ ۽ جيڪڏهن اهو شاگرد سهائتا مرڪز آهي ته اتي فارم ڊي، بي ايس نرسنگ، ڊي پي ٽي، ڪمپيوٽر سائنس ۽ صحت سان لاڳاپيل ٻيا پروگرام ڪهڙي اجازت تحت هلايا پيا وڃن؟
HEC جي مبهم فهرست ڏسي عام شاگرد ۽ والدين اهو سمجهي سگهن ٿا ته روات هڪ مڪمل منظور ٿيل يونيورسٽي ڪيمپس آهي. انهيءَ بنياد تي هو داخلا وٺن ٿا ۽ فيسون جمع ڪرائين ٿا، جڏهنتہ کين اها خبر ئي نٿي هجي ته ڪيمپس جي منظوري ۽ اتي هلندڙ هر پروگرام جي اجازت کي الڳ الڳ جانچڻ گهرجي.
HEC کي فوري طور چٽن لفظن ۾ ٻڌائڻ گهرجي ته اسلام آباد، روات باقاعدي يونيورسٽي ڪيمپس آهي، فاصلاتي تعليم جو مرڪز آهي يا ڪو ٻيو انتظام؟
اتي ڪهڙا پروگرام منظور ٿيل آهن، انهن کي ڪهڙي طريقي سان هلائڻ جي اجازت آهي ۽ داخلا وٺندڙ شاگردن جي ڊگرين جي قانوني ۽ تعليمي حيثيت ڇا هوندي؟
جيستائين اهي تفصيل سامهون نٿا اچن، تيستائين HEC جي آن لائن رڪارڊ جي شفافيت ۽ ان جي ساک بابت سنگين سوال برقرار رهندا.
هي پهريون ڀيرو ناهي جو سرحد يونيورسٽي جي مرڪزن جي حيثيت تي سوال اٿاريا ويا هجن. جون 2019ع ۾ HEC ان جي سمورن فاصلاتي تعليم جي مرڪزن ۾ داخلا تي باقاعدي پابندي لڳائي يونيورسٽي کي رڳو پشاور جي منظور ٿيل مرڪزي ڪيمپس تائين محدود رهڻ جي هدايت ڪئي هئي.
شاگردن کي خبردار ڪيو ويو هو ته پابندي کان پوءِ انهن مرڪزن ۾ داخلا وٺندڙن جون ڊگريون تسليم نه ڪيون وينديون.
انهيءَ پسمنظر ۾ سرحد يونيورسٽي جي مردان ۽ راس الخيمه ڪيمپسن جو معاملو به وضاحت گهري ٿو. ٻئي اڄ به HEC جي تسليم ٿيل ادارن واري فهرست ۾ موجود آهن، پر ساڳئي وقت انهن سان گڏ ”داخلا بند ڪئي وئي“ پڻ لکيل آهي.
هتي HEC کي اصل حڪم نامو سامهون رکي واضح ڪرڻ گهرجي ته مردان ۽ راس الخيمه ڪيمپسن ۾ داخلا ڇو ۽ ڪنهن جي حڪم تي بند ڪئي وئي، ۽ انهن جي منظوري اڃا برقرار آهي يا رد ٿي چڪي آهي؟
جيستائين HEC پنهنجي آن لائن رڪارڊ ۾ شفافيت نٿو آڻي ۽ يونيورسٽي انتظاميا کان جواب طلب نٿو ڪري، تيستائين شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳل رهندو ۽ ريگيوليٽري اداري جي ساک تي سوال قائم رهندا.
24 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ شاگردن ۽ پاڪستان فوج جي هڪ سينيئر آفيسر وچ ۾ پيش آيل ٽڪراءَ جو پسمنظر ڏٺو وڃي ته موجود معلومات موجب شاگرد فيسن ۾ واڌ خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا.
ڪيمپس انتظاميا صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام رهي ۽ معاملو ڪلاس روم کان نڪري هڪ اڻ وڻندڙ ٽڪراءَ تائين پهچي ويو، جنهن سان هڪ قومي اداري جي ساک پڻ متاثر ٿي.
هن واقعي کي رڳو شاگردن ۽ فوجي آفيسر وچ ۾ اتفاقي جهيڙو سمجهي ختم نٿو ڪري سگهجي. اصل جوابدهي يونيورسٽي انتظاميا ۽ HEC جي بڻجي ٿي.
اعليٰ اختيارين کي ٻنهي کان پڇڻ گهرجي ته جنهن ڪيمپس جي مڪمل منظوري واضح ناهي، اتي داخلا ۽ ڪلاس ڪهڙي بنياد تي جاري رهيا؟ فيسن ۾ واڌ ڪيئن ٿيندي رهي ۽ معاملو انهيءَ حد تائين پهچڻ کان اڳ وقت سر مداخلت ڇو نه ڪئي وئي؟
اهي ئي بنيادي سوال آهن، جن جا واضح جواب سامهون اچڻ کان سواءِ هن واقعي جي حقيقي ذميواري جو تعين نٿو ڪري سگهجي.
nice