مريم نواز شريف جي “ريڊ لائين” جو ڇا ٿيندو؟
لاهور ۾ ٻن پرڏيهي عورتن جي مبينا اغوا، زيادتي ۽ ڀُنگ طلب ڪرڻ وارو واقعو رڳو نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي خاندان تائين محدود معاملو ناهي، ڇاڪاڻتہ خانداني رشتن جا اهي سلسلا پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف جي خاندان تائين به پهچن ٿا.جيڪڏهن خانداني پسمنظر ڏٺو وڃي ته لاڳاپو هن ريت ٺهي ٿو ته نواز شريف جي ڌيءَ ۽ مريم نواز شريف جي ڀيڻ عاصمه نواز جي شادي اسحاق ڊار جي پٽ علي ڊار سان ٿيل آهي. اهڙي طرح شريف خاندان ۽ ڊار خاندان پاڻ ۾ ويجهي خانداني رشتي ۾ ڳنڍيل آهن.
هن ڪيس ۾ جنهن محمد رضا ڊار جو نالو سامهون اچي رهيو آهي، رپورٽن ۾ کيس اسحاق ڊار جو ويجهو مائٽ، يعني نواسو، قرار ڏنو پيو وڃي. انهيءَ سبب هي معاملو رڳو هڪ فرد يا هڪ خاندان تائين محدود نه ٿو رهي، پر پنجاب حڪومت ۽ وزيراعليٰ مريم نواز شريف لاءِ به هڪ وڏو “ٽيسٽ ڪيس” بڻجي ويو آهي.
ڇاڪاڻتہ شريف خاندان ۽ ڊار خاندان ڪيترن ڏهاڪن کان سياسي طور به هڪ ٻئي جي ويجهو رهيا آهن ۽ هاڻي خانداني رشتن ۾ پڻ ڳنڍيل آهن، تنهنڪري عوامي ۽ سياسي حلقن ۾ اهو سوال اٿڻ فطري آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ملزم جي پٺيان ڊار ۽ شريف خاندان جهڙن ملڪ جي ٻن بااثر خاندانن جو ممڪن اثر موجود هجي ته پنجاب جي سربراهه طور مريم نواز شريف پنهنجي “ريڊ لائين” واري موقف تي قائم رهندي ۽ قانون جي بالادستي ثابت ڪندي يا نه؟
اڄ اصل سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن طاقتور خاندان سان لاڳاپيل شخص جو نالو ڪنهن سنگين ۽ حساس ڪيس ۾ اچي ٿو ته ڇا قانون هڪ عام شهري ۽ هڪ بااثر رشتيدار لاءِ ساڳي نموني حرڪت ۾ اچي ٿو يا نه؟
وزيراعليٰ مريم نواز شريف بار بار “ريڊ لائين” ۽ قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪندي رهي آهي. هاڻي هي ڪيس سندس لاءِ اصل امتحان بڻجي ويو آهي ته ڇا پنجاب حڪومت مڪمل غيرجانبداري ڏيکاريندي يا ٻن طاقتور خاندانن جو اثر قانون تي غالب اچي ويندو.
مريم نواز شريف جي سياست ۾ عورتن جو تحفظ ۽ سندن حق هميشه هڪ مرڪزي بيانيي طور سامهون آيا آهن. هن ڪيترائي ڀيرا اهو عزم ظاهر ڪيو آهي ته عورتن خلاف ڏوهه سندس لاءِ “ريڊ لائين” آهن. خاص طور تي وزيراعليٰ بڻجڻ کان پوءِ هن عورتن جي تحفظ کي پنهنجي حڪومت جي سڃاڻپ جو اهم حصو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سندس حڪومت عورتن جي تحفظ لاءِ پنجاب ۾ ورچوئل پوليس اسٽيشن قائم ڪيا ۽ “نيور اگين” جهڙيون پينڪ بٽن ايپس متعارف ڪرايون، جيئن ڪنهن هنگامي صورتحال ۾ عورتون فوري طور پوليس سان رابطو ڪري سگهن.
مريم نواز شريف مختلف عوامي فورمن تي اهو به چوندي رهي آهي ته ڪم جي هنڌن يا عوامي جڳهن تي عورتن کي هراسان ڪرڻ يا مٿن تشدد ڪرڻ سندس حڪومت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي. هوءَ ڪيترن اهڙن ڪيسن ۾ ذاتي طور نوٽيس به وٺندي رهي آهي، جن ۾ عورتون متاثر ڌر هيون.
هن پنجاب پوليس ۽ ٻين انتظامي عهدن تي عورت آفيسرن جي مقرري کي ساراهيو ۽ چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ سان ئي سماج ۾ ڏوهن خلاف وڌيڪ اثرائتي نموني مقابلو ڪري سگهجي ٿو.
بيانيي جي سطح تي وزيراعليٰ جا اهي قدم ۽ عزم هميشه مضبوط نظر آيا آهن، پر ڪنهن به حڪومت جي اهڙن دعوائن جو اصل امتحان تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ڪو وڏو، هاءِ پروفائل ۽ پيچيده ڪيس سامهون اچي.
جڏهن الزام اهڙن بااثر ماڻهن يا طاقتور حلقن تائين پهچن، جيڪي نظام تي اثرانداز ٿيڻ جي صلاحيت رکن ٿا، تڏهن قانون جو بنا فرق حرڪت ۾ اچڻ ئي اهو ثابت ڪري سگهي ٿو ته “ريڊ لائين” رڳو سياسي نعرو آهي يا واقعي هڪ اهڙي حد آهي جيڪا ڪنهن لاءِ به پار نه ٿي ڪري سگهجي.
هن ڪيس مريم نواز شريف جي “ريڊ لائين” واري بيانيي کي اهڙي موڙ تي آڻي بيهاريو آهي، جتي سندس ماضي جي بيانن ۽ موجوده ڪيس بابت حڪومت جي عملي قدمن جو مقابلو ٿيڻ لازمي ٿي ويو آهي.
هن آزمائش ۾ سندس ڪاميابي يا ناڪامي سندس ايندڙ سياسي زندگي جو هڪ اهم حوالو بڻجي سگهي ٿي. جيڪڏهن قانون واقعي بنا فرق حرڪت ۾ آيو ته سندس بيانيي کي وڌيڪ طاقت ملندي.
پر جيڪڏهن هوءَ هن معاملي تي خاموش رهي يا سندس انتظاميا ملزمن کي بچائيندي نظر آئي ته اپوزيشن ۽ عوام کي اهو چوڻ جو موقعو ملي ويندو ته عورتن جو تحفظ رڳو هڪ سياسي نعرو هو، جيڪو ڪمزور ماڻهن لاءِ ته لاڳو ٿئي ٿو، پر جڏهن معاملو پنهنجي ويجهن ماڻهن تائين پهچي ٿو ته “ريڊ لائين” ختم ٿي وڃي ٿي.
واضح رهي ته مريم نواز شريف مستقبل ۾ وزارتِ عظميٰ جي ڊوڙ ۾ هڪ اهم سياسي نالو سمجهي وڃي ٿي. پرڏيهي عورتن سان لاڳاپيل هن ڪيس ۾ بين الاقوامي ميڊيا ۽ سفارتي حلقا سندس عملي قدمن کي سندس بيانن سان ضرور ڀيٽيندا.
جيڪڏهن هن ڪيس کي مڪمل طور ميرٽ، قانون ۽ ثبوتن جي بنياد تي حل ڪيو وڃي ٿو ته اهو مريم نواز شريف کي عالمي سطح تي هڪ سنجيده، پختي ۽ قانون جي پابند رياستي اڳواڻ طور مضبوط ڪري سگهي ٿو.
ان ڪري مريم نواز شريف کي پنهنجي عمل سان ثابت ڪرڻو پوندو ته سندس “ريڊ لائين” رڳو سماج جي ڪمزور طبقن لاءِ ناهي، پر بنا فرق سڀني لاءِ هڪجهڙي آهي.
پر بدقسمتي سان اسان جي سماج جو هڪ الميو اهو به رهيو آهي ته جڏهن ڪو عام ماڻهو، موٽر سائيڪل سوار يا ريڙهي هلائيندڙ ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث هجي ته رياست جي سڄي مشينري فوري طور حرڪت ۾ اچي وڃي ٿي، گرفتاريون جلدي ٿين ٿيون ۽ قانون جي طاقت نظر اچي ٿي.
پر جڏهن معاملو بااثر اشرافيه تائين پهچي ٿو ته جاچ جي رفتار سست ٿيڻ، قانوني دفعات ۾ نرمي يا پردي پٺيان ٺاهه جون ڪوششون شروع ٿيڻ بابت سوال اٿڻ لڳن ٿا.
جيڪڏهن هن ڪيس ۾ به اهڙو ئي تاثر پيدا ٿيو ته مريم نواز جي ان دعويٰ تي عوام جو اعتماد سخت متاثر ٿيندو ته عورتون سندس “ريڊ لائين” آهن.
اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ته اها لڪير سڀني لاءِ هڪجهڙي آهي، سندس حڪومت کي ملزمن جي خانداني يا سياسي اثر کان بالاتر ٿي قانون ۽ ثبوتن جي بنياد تي ڪارروائي ڪرڻي پوندي.
نوجوان نسل ۽ خاص طور عورت ووٽر سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل پريس ذريعي هن ڪيس کي گهري نظر سان ڏسي رهيا آهن. مسلم ليگ نون مريم نواز جي قيادت ۽ سندس پاليسين کي عورتن جي تحفظ واري بيانيي سان ڳنڍي پيش ڪندي رهي آهي.
جيڪڏهن هن هاءِ پروفائل ڪيس ۾ انصاف ٿيندي نظر نه آيو ته اهو بيانييو سخت متاثر ٿيندو ۽ نوجوان ۽ عورت ووٽر هن تضاد کي آساني سان قبول نه ڪندا.
ٻئي طرف، جيڪڏهن مريم نواز شريف سمورن خانداني ۽ سياسي دٻائن کي پوئتي رکي متاثر پرڏيهي عورتن کي قانون موجب انصاف فراهم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته سندس سياسي قد گهڻو وڌي سگهي ٿو.
هوءَ پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اهڙي طاقتور عورت اڳواڻ طور اڀري سگهي ٿي، جنهن پنهنجي “ريڊ لائين” واري موقف جي حفاظت لاءِ پنهنجي ويجهن خانداني ۽ سياسي حلقن جي ممڪن دٻاءَ کي به قبول نه ڪيو.