نيٽ ميٽرنگ ڇو محدود ڪئي وئي ۽ نوان سولر صارف ان مان فائدو ڇو نه وٺي سگهندا؟
13 فيبروري تي ناڻي واري وزارت مالي سال 2025 بابت سالياني اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائزز (State Owned Enterprises) رپورٽ جاري ڪئي۔
مالي سال 2025 ۾ SOEs جا مجموعي نقصان 832.8 ارب رپيا ٻڌايا ويا آهن، جن ۾ پاور سيڪٽر جو حصو سڀ کان وڌيڪ نمايان آهي۔
پاڪستان ۾ هن وقت چار وڏيون سرڪاري ٿرمل بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنيون، يعني GENCOs، جن کي Government Owned Generation Companies چيو وڃي ٿو، توانائي واري وزارت جي پاور ڊويزن هيٺ ڪم ڪري رهيون آهن، ۽ چارئي هر سال وانگر هن سال به سخت مالي خساري ۾ آهن۔
فرنس آئل تي ڀاڙڻ ۽ پراڻن يونٽن جي رڳو 25 کان 28 سيڪڙو ٿرمل ايفيشنسي سبب 100 رپين جي ٻارڻ مان لڳ ڀڳ 28 رپين جي بجلي پيدا ٿئي ٿي، جڏهن ته باقي توانائي ضايع ٿي وڃي ٿي۔
747 ميگاواٽ جو ڪمبائنڊ سائيڪل يونٽ سستي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ لڳايو ويو هو، پر بار بار خرابين ۽ انتظامي ناڪامين سبب اهو مستحڪم نموني نه هلي سگهيو۔
مقامي ماري گيس موجود هجڻ باوجود گهٽ ڪارڪردگي سستي گيس کي به مهانگي بجلي ۾ تبديل ڪري رهي آهي۔
پراڻي مشينري ۽ وڌيڪ لاڳت سبب ان جي نجڪاري جون ڪوششون به ڪامياب نه ٿي سگهيون۔
پراڻي ڪوئلي واري ٽيڪنالاجي ۽ گهٽ ڪارڪردگي ان کي لڳاتار مالي دٻاءَ هيٺ رکيو آهي۔
اهي اهي سرڪاري بجلي گهر آهن، جيڪي اربين رپين جي سيڙپڪاري، وڏي ٻارڻ جي خرچ ۽ انتظامي خرچن باوجود مالي خساري ۾ آهن، جڏهن ته هڪ عام شهري پنهنجي ڇت تي سادو سولر سسٽم لڳائي گهٽ لاڳت تي بجلي پيدا ڪري منافعو به ڪمائي رهيو آهي۔
پاڪستان ۾ جڏهن هڪ عام شهري پنهنجي ڇت تي سولر سسٽم لڳائي ٿو ته هو حقيقت ۾ هڪ Distributed Generation يونٽ قائم ڪري ٿو، جنهن کي پاليسي ٺاهيندڙن جي ٻولي ۾ Rooftop Solar يا Microgeneration چيو وڃي ٿو۔
ان جي شروعاتي سيڙپڪاري شهري پنهنجي پئسن مان ڪري ٿو۔
نه ڪا سرڪاري سبسڊي، نه ڪو سرڪاري قرض۔
جيڪڏهن سولر سسٽم جي مجموعي لاڳت کي ان جي لڳ ڀڳ 25 ساله عمر تي ورهايو وڃي ته ان جي Levelized Cost of Electricity عام طور 8 کان 10 رپيا في يونٽ جي وچ ۾ اچي ٿي، ۽ ڪجهه حالتن ۾ ان کان به گهٽ ٿي سگهي ٿي۔
Levelized Cost of Electricity مان مراد سولر سسٽم جي اوسط في يونٽ لاڳت آهي، جيڪا منصوبي جي پوري عمر جي سڀني خرچن کي مجموعي پيدا ٿيل بجلي تي ورهائي نڪتي وڃي ٿي۔
ان جو مطلب آهي ته شهري پنهنجي پئسن سان گهٽ لاڳت تي بجلي پيدا ڪري رهيو آهي، جنهن جي marginal cost تقريبن صفر آهي، ڇاڪاڻتہ سج جي روشني مفت آهي۔
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهو ئي شهري اها بجلي قومي Power Grid کي تقريبن 18 کان 20 رپيا في يونٽ تي وڪڻي مناسب منافعو به حاصل ڪري ٿو۔
ان جي ڀيٽ ۾ سرڪاري بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنيون يعني GENCOs هزارين ڪروڙ رپين جي لاڳت سان قائم ڪيون وڃن ٿيون ۽ گهڻو ڪري گيس يا فرنس آئل تي هلن ٿيون۔
ٻارڻ، آپريشن ۽ قرضن جي وياج سميت انهن جي Levelized Cost عام طور 25 کان 35 رپيا في يونٽ تائين رهي ٿي ۽ ڪجهه حالتن ۾ ان کان به وڌي وڃي ٿي۔
گهٽ ڪارڪردگي ۽ وڏن فڪسڊ خرچن سبب اهي يونٽ 30 کان 50 رپيا في يونٽ لاڳت تي بجلي فراهم ڪرڻ باوجود خساري ۾ رهندا آهن۔
وڌيڪ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن خساري ۾ هلندڙ ڪمپنين جي هزارين ملازمن مان ڪيترن کي اڃا تائين مفت بجلي ڏني پئي وڃي، جڏهن ته سولر لڳائيندڙ صارف کان هر يونٽ جو مڪمل حساب ورتو وڃي ٿو۔
جيڪڏهن GENCOs جي مالي خسارن ۽ انهن جي Efficiency کي ڏٺو وڃي ته معلوم ٿئي ٿو ته اهي ڪمپنيون پنهنجي مجموعي صلاحيت جو رڳو محدود حصو بجلي پيدا ڪن ٿيون، پر انهن جا مڪمل خرچ وري به سسٽم ذريعي وصول ڪيا وڃن ٿا۔
حقيقتن جي ابتڙ، توانائي واري وزارت جي پاور ڊويزن نيٽ ميٽرنگ ختم ڪري نيٽ بلنگ ڏانهن وڃڻ جو جواز مالي دٻاءَ ۽ سسٽم جي خساري کي قرار ڏنو هو۔
پر هاڻي ناڻي واري وزارت جا انگ اکر ٻڌائي رهيا آهن ته اصل مسئلو رڳو سولر صارفين سبب سسٽم تي مالي دٻاءُ نه آهي، پر Capacity Payments جو اهو وڏو بار به آهي، جيڪو غير مؤثر سرڪاري بجلي گهرن ۽ IPPs سبب وڌي رهيو آهي۔
جڏهن شهري پنهنجي بجلي پاڻ پيدا ڪري ٿو ته گرڊ مان سندس بجلي جي خريد گهٽجي وڃي ٿي۔
ان سان گڏ حڪومت جو اهو روينيو به گهٽجي وڃي ٿو، جيڪو هو وڏن فڪسڊ خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ صارفين کان وصول ڪندي آهي۔
ان جي ابتڙ پاليسي جو دٻاءُ انهن نجي سولر سيڙپڪارن تي منتقل ڪيو ويو، جيڪي پنهنجي سيڙپڪاري سان گهٽ لاڳت تي بجلي پيدا ڪري رهيا هئا، گرڊ تي بار گهٽائي رهيا هئا ۽ درآمدي ٻارڻ جي گهرج پڻ گهٽائي رهيا هئا۔
معاشي طور وڌيڪ مناسب رستو اهو هو ته رياست هن اڀرندڙ Distributed Generation ماڊل کي محدود ڪرڻ بدران ان کي بهتر نموني regulate ڪري، وڌيڪ facilitate ڪري ۽ ان جي واڌ ويجهه لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري۔