پاڪستان جي رئيل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري لاءِ نئون خطرو: گارنٽيڊ ريٽرن پراجيڪٽس
پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه سالن دوران رئيل اسٽيٽ مارڪيٽ ۾ هڪ نئون اصطلاح تمام گهڻو عام ٿي ويو آهي: “Guaranteed Return” يا “Cash Back Scheme”.
اسان جي ملڪ جي ڪجهه مشهور ڊولپرن مارڪيٽ مان پئسا گڏ ڪرڻ لاءِ اهو طريقو اختيار ڪيو آهي ته اهي بلڊنگ پراجيڪٽس ۾ سيڙپڪارن کي 12 کان 18 سيڪڙو تائين سالياني منافعي جو وعدو ڪن ٿا۔
ظاهري طور اهي آڇون تمام پرڪشش لڳن ٿيون، پر پاڪستان جي رئيل اسٽيٽ مارڪيٽ جي اصل حقيقت ان کان ڪافي مختلف آهي۔
حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ ڪمرشل پراپرٽي جي حقيقي Rental Yield عام طور 7 کان 8 سيڪڙو جي وچ ۾ هوندي آهي، جڏهن ته رهائشي ملڪيتن جي Yield اڪثر 5 کان 6 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هوندي آهي۔
پوءِ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته هڪ اڻ مڪمل عمارت، جتي اڃا ڪو ڪرائيدار به نه هجي، آخر 12، 15 يا 18 سيڪڙو Guaranteed Return ڪٿان ڏئي سگهي ٿي؟
اهي ڪهڙي قسم جا پراجيڪٽس آهن؟
1۔ Mixed-Use Project
مثال طور هڪ اهڙو منصوبو، جنهن ۾ Retail Shops، Office Spaces ۽ Residential Apartments شامل هجن۔
ڊولپر اهڙي پراجيڪٽ لاءِ 15 سيڪڙو سالياني Guaranteed Cash Back جو وعدو ڪري ٿو۔
يعني جيڪڏهن ڪو خريدار هڪ يونٽ خريد ڪري، ته ڪمپني مخصوص مدت تائين کيس هر سال 15 سيڪڙو منافعو ڏيڻ جو وعدو ڪري ٿي، ڀلي يونٽ ڪرائي تي لڳي يا نه لڳي۔
2۔ Hotel Suite Model يا Retail Only Project
هي ماڊل وڌيڪ خطري وارو ٿي سگهي ٿو۔
هن ۾ خريدار کي هڪ مخصوص يونٽ، جهڙوڪ دڪان يا هوٽل سوئيٽ، وڪرو ڪيو وڃي ٿو، ۽ ڊولپر چوي ٿو ته هو ان يونٽ کي پاڻ هلائيندو، مثال طور هوٽل روم يا شوروم طور، ۽ خريدار کي هر مهيني يا سال 10 کان 20 سيڪڙو تائين ريٽرن ڏيندو۔
هتي عملي طور خريدار رڳو پراپرٽي جو مالڪ نه رهندو، پر هڪ سيڙپڪار بڻجي ويندو، جيڪو مڪمل طور ڊولپر جي آپريشن تي ڀاڙيندو۔
اهو ريٽرن ان وقت تائين جاري رهي سگهي ٿو، جيستائين نوان يونٽ وڪامندا رهن يا پراجيڪٽ وٽ ڪافي فنڊ موجود هجن۔
3۔ Serviced Apartment يا Shared Ownership Model
هن ماڊل ۾ هڪ ئي اپارٽمينٽ کي ڪيترن خريدارن ۾ ورهايو ويندو آهي۔
هر خريدار کي مخصوص مدي لاءِ استعمال جو حق يا ريٽرن جو وعدو ڏنو ويندو آهي۔
پر جڏهن ملڪيت گڏيل هجي ۽ آپريشن ڊولپر جي هٿ ۾ هجي، ته ڪيترين حالتن ۾ سيڙپڪار کي نه منافعو ملي ٿو ۽ نه ئي مڪمل قبضو، رڳو وعدا باقي رهجي وڃن ٿا۔
مالي ماڊل: منافعو ڪٿان اچي ٿو؟
ڪجهه اهڙن منصوبن ۾ ريٽرن حقيقي ڪرائي مان نه، پر نون خريدارن جي پئسن مان ڏنو ويندو آهي۔
هي Ponzi-style Cash Flow Model جهڙو بڻجي سگهي ٿو، جيڪو ان وقت تائين هلندو آهي، جيستائين نيون بُڪنگون مسلسل اينديون رهن۔
جيئن ئي نيون بُڪنگون رڪجن ٿيون، سڄو نظام Domino Effect وانگر ڪمزور ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿو۔
پهريان ادائيگيون دير سان ٿين ٿيون يا بند ٿين ٿيون، پوءِ پراجيڪٽ دير جو شڪار ٿئي ٿو، ۽ آخر ۾ آفيسون يا آپريشن به بند ٿي سگهن ٿا۔
پاڪستاني قانون موجب انهن اسڪيمن جي حيثيت ڇا آهي؟
پاڪستاني قانون موجب ڪا به نجي ڪمپني عام ماڻهن کان پئسا وٺي Guaranteed Profit جو وعدو نٿي ڪري سگهي، جيستائين اها لاڳاپيل ريگيوليٽري شرطون ۽ SECP جون ضروري منظوريون مڪمل نه ڪري۔
SECP Act 1997، Companies Act 2017 ۽ ٻين لاڳاپيل قانونن تحت عوام کان سيڙپ گڏ ڪرڻ ۽ يقيني منافعي جو وعدو ڪرڻ ڪيترائي سنجيده قانوني ۽ ريگيوليٽري سوال پيدا ڪري سگهي ٿو۔
جيڪڏهن پوءِ به سيڙپڪاري ڪرڻ چاهيو ٿا، ته ڊولپر کان هي 14 سوال ضرور پڇو:
هي 14 سوالن جي چيڪ لسٽ توهان جي سيڙپڪاري کي فراڊ، غلط واعدن ۽ ممڪن مالي نقصان کان بچائڻ ۾ اهم مدد ڪري سگهي ٿي۔