سيد شايان جو ڪالم 🌴 زميني حقيقتون
31 آڪٽوبر تي سڄي دنيا ۾ شهرن جو عالمي ڏينهن (World Cities Day) ملهايو ويو. هن سال ان جو موضوع هو:
Regenerating the City: Adequate Housing
يعني پراڻن ۽ زوال جو شڪار شهرن کي ٻيهر بهتر بڻائڻ ۽ هر شهريءَ لاءِ مناسب رهائش جو بندوبست ڪرڻ.
چين جي شهر فوزو ۾ گڏيل قومن جي انتظام هيٺ مرڪزي تقريب منعقد ٿي، جتي سڄي دنيا جي ماهرن ۽ حڪومتي نمائندن آڏو هن سال بنيادي سوال اهو هو ته پراڻن ۽ زوال جو شڪار شهرن ۽ بدحاليءَ ۾ ورتل آبادين کي ٻيهر رهڻ جي قابل ڪيئن بڻائجي، مناسب رهائش جي فراهمي ڪيئن يقيني بڻائجي ۽ شهري ترقيءَ کي موسمياتي تبديلي، انساني ضرورتن ۽ ايندڙ نسلن جي تقاضائن سان ڪيئن هم آهنگ ڪجي. گويا هن ڏينهن سڄي دنيا پنهنجن شهرن جي مسئلن جا حل ۽ مستقبل جي تعمير جا رستا ڳولي رهي هئي.
پاڪستان ۾ پڻ سنڌ ماسٽر پلاننگ اٿارٽي (SMPA) اين اي ڊي يونيورسٽي ۽ گڏيل قومن جي اداري UN-Habitat جي سهڪار سان ڪراچي گالف ڪلب جي ڪنوينشن سينٽر ۾ Sindh Cities Forum 2026 جو اهتمام ڪيو.
هن تقريب کي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خطاب ڪيو. سندس تقرير جو نمايان پهلو مستقبل جي شهرن جي تعمير ۽ ترقيءَ بابت ڪو نئون تصور پيش ڪرڻ نه هو، پر پنهنجي ئي صوبائي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ جي تباهه حالي ۽ حڪومتي ناڪامين جو اعتراف هو.
وڏي وزير چيو ته هن ڪراچيءَ کي پنهنجي اکين آڏو تيزيءَ سان پکڙجندي ۽ بگڙندي ڏٺو آهي. هن شهر جي موجوده حالت جو ذميوار شهري منصوبابنديءَ جي ناڪامين کي قرار ڏنو ۽ اهو پڻ تسليم ڪيو ته ماضيءَ جي حڪومتن، جن ۾ سندس پنهنجي حڪومت به شامل آهي، کان غلطيون ٿيون آهن.
تضاد ته ڏسو! جنهن ڏينهن دنيا پنهنجن بگڙيل شهرن کي ٻيهر آباد ڪرڻ، شهري زندگيءَ کي بهتر بڻائڻ ۽ مستقبل جي منصوبابنديءَ تي غور ڪري رهي هئي، انهيءَ ڏينهن سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي ئي صوبائي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ جي تباهه ٿيل شهري منصوبابنديءَ جي داستان ٻڌائي رهيو هو. اها به اهڙي تباهيءَ جي داستان، جنهن ۾ سندس پنهنجي حڪومت جي غلطين جو اعتراف پڻ شامل هو.
چوندا آهن ته هر ڳالهه ڪرڻ جو به هڪ وقت ۽ موقعو هوندو آهي. اهو ڏٺو ويندو آهي ته ڪهڙي ڳالهه، ڪهڙي موقعي تي، ڪهڙي انداز ۾ ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ ڪئي پئي وڃي.
گڏيل قومن جي اداري UN-Habitat جي سهڪار سان منعقد ڪيل هن عالمي ڏينهن جي تقريب ۾ وڏي وزير کي پنهنجي صوبي جي شهري ترقي، مستقبل جي منصوبن ۽ گذريل سالن دوران حاصل ڪيل عملي ڪاميابين کي نمايان ڪرڻ گهرجي ها.
پر هتي ته معاملو ئي ڪجهه ٻيو هو. سنڌ جو وڏو وزير شهرن جي ترقيءَ جي عالمي ڏينهن تي حيدرآباد کان پوءِ هاڻي سکر جي رستن جي وچ ۾ بيٺل بجليءَ جي ٿنڀن جون داستانون ٻڌائي رهيو هو. ڪڏهن ڪنهن اداري جي عدم سهڪار جو ذڪر، ته ڪڏهن رستن جي تعمير ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن جو تذڪرو.
حيرت جي ڳالهه آهي! هڪ صوبي جو وڏو وزير، جنهن جي سياسي جماعت گذريل ارڙهن سالن کان سنڌ ۾ اقتدار ۾ آهي، اها ڳالهه انتظامي ڪارڪردگيءَ طور پيش ڪري رهيو آهي ته رستن جي تعمير ۽ بجليءَ جي ٿنڀن جي منتقليءَ جهڙن بنيادي معاملن ۾ به ادارن جي وچ ۾ سهڪار جي کوٽ موجود آهي.
هن تقريب ۾ سنڌ جي 31 شهرن جي ماسٽر پلانن تي ٿيندڙ اڳڀرائي پڻ بيان ڪئي وئي. ٻڌايو ويو ته 17 شهرن جا ماسٽر پلان مڪمل ٿي چڪا آهن، 14 اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهن، جڏهن ته رڳو نون شهرن جي ماسٽر پلانن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.
هن سڄي گفتگو جو سڀ کان وڌيڪ حيران ڪندڙ پهلو اهو به آهي ته جن 14 شهرن جا ماسٽر پلان اڃا تياريءَ جي مرحلي ۾ آهن، انهن ۾ سنڌ جا ٻه سڀ کان وڏا ۽ اهم ترين شهر، ڪراچي ۽ حيدرآباد، پڻ شامل آهن.
ذرا غور ڪريو! پاڪستان پيپلز پارٽي گذريل ارڙهن سالن کان سنڌ ۾ اقتدار ۾ آهي. ان عرصي دوران رڳو ٽي نگران حڪومتون آيون، جن مان ٻه لڳ ڀڳ اڍائي اڍائي مهينن لاءِ ۽ هڪ لڳ ڀڳ ساڍن ڇهن مهينن لاءِ قائم رهي.
ارڙهن سالن جي هن ڊگهي حڪمرانيءَ جي باوجود صوبي جي ٻن اهم ترين شهرن جا نوان ماسٽر پلان اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيا آهن. ته پوءِ سوال اهو آهي ته سندن هن ڊگهي حڪمرانيءَ جو آخر حاصل ڇا آهي؟